ڄام غلام قادر خان

ڄام غلام قادر خان: ڄام غلام قادر خان ولد مير غلام احمد 1917ع ڌاري ڄائو. سندس والد لسٻيلي جو حڪمران هو. هن ابتدائي تعليم گهر ۾ ئي حاصل ڪئي. ان کان پوءِ ’ايچي سن‘ ڪاليج لاهور ۾ داخل ٿيو، پر والد جي وفات سبب تعليم جاري نه رکي سگهيو. 1937ع ۾ پنهنجي والد جي جاءِ تي رياست لسٻيلي جو حڪمران ٿيو. 1948ع ۾ رياست لسٻيلي جو پاڪستان سان الحاق ٿيو ته ڪجهه وقت تائين پاڪستان جي قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. مئي 1962ع جي چونڊن ۾ ڪراچيءَ مان قومي اسيمبليءَ جو رڪن منتخب ٿيو ۽ ڪجهه عرصو اولهه پاڪستان ۾ اوقاف کاتي جو وزير رهيو. اپريل 1973ع ۾ بلوچستان جو وزيراعليٰ منتخب ٿيو. 31 ڊسمبر 1975ع تي صوبائي ڪابينا ٽوڙي وئي ته کيس گورنر مير احمد يار خان جو سينئر صلاحڪار مقرر ڪيو ويو. اپريل 1977ع ۾ بلوچستان اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊيو ويو ۽ مارشل لا جي قيام (جولاءِ 1977ع) تائين ان عهدي تي فائز رهيو.


لفظ ڄام غلام قادر خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو